ڪامريڊ محب ڀيل

ڪامريڊ محب ڀيل

محب ڀيل ڪامريڊ

محب ڀيل، ڪامريڊ: مشھور ليکڪ، سياسي اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ محب ولد عمر ڀيل جو جنم 10 اپريل 1985ع تي جُهڏي شھر، ضلعي ميرپور خاص جي هڪ پورهيت خاندان ۾ ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم جهڏي مان حاصل ڪئي. جڏهن ته انٽر ۽ گرئجوئشن ٽنڊي جان محمد ڪاليج مان پڙهيو. سياسي طور تي سندس تعلق عوامي تحريڪ ۽ رسول بخش پليجي جي سياسي، علمي ۽ ادبي فڪر سان رهيو آهي. سياسي اڳواڻ طور هن پنھنجي ڌرتيءَ جي وسيلن تي حق حاڪميت، عدليا بحالي تحريڪ ۽ انساني حقن جي بحالي لاءِ ٿيل احتجاجن، مظاهرن، ريلين، ڌرڻن، جلسن، بک هڙتالن، لانگ مارچن ۽ تحريڪن ۾ حصو ورتو آهي. هن سماج جي پيڙهيل طبقي جي منجهيل مسئلن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترائي مضمون لکي جاڳرتا پيدا ڪئي آهي. محب ڀيل ٿر جي ڏڪار ۽ سنڌ ۾ آيل ٻوڏن (2010ع، 2011ع، 2020ع ۽ 2022ع) دؤران رضاڪارانه طور متاثرن جي بحالي واري ڪم سميت مفت ميڊيڪل ڪئمپن وسيلي بيمارن جو علاج ڪرايو. ٻوڏ متاثرن لاءِ هنگامي بنيادن تي کاڌ خوراڪ، تنبو، صاف پاڻي، ڪپڙن ۽ بسترن جو بندوبست ڪيو. “اجيم داس فائونڊيشن” جي سربراهه ڊاڪٽر اڀيمن پرمار ۽ رڻشالداس ڪولهيءَ سان گڏجي ٿر جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ سميت غريب شاگردن لاءِ فري ٽيوشن سينٽر هلائڻ، غريب ۽ بيواھه عورتن جي عزت ڀريي روزگار لاءِ سلائي سينٽر قائم ڪرڻ، معذورن جي سھائتا لاءِ ڪوششون ڪرڻ، وڻ پوکڻ سميت هن ڪائنات جي فطري حسن پکين ۽ جانورن جي تحفظ لاءِ پڻ جاکوڙ ڪئي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘تتل سج هيٺيان’ (مضمون: 2016ع)، ‘جنين لوهه لڱن ۾’ (مضمون: 2017ع)، ‘هن رتاهين راهه ۾’ (مضمون: 2017ع)، ‘دراوڙ جاڳ ۾ آهن’ (مضمون: 2018ع) ۽ ‘چڱي نه خودڪشي هئي’ (تحقيق: 2019ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.04.10  عيسوي

مشھور ليکڪ، سياسي اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ محب ولد عمر ڀيل جو جنم 10 اپريل 1985ع تي جُهڏي شھر، ضلعي ميرپور خاص جي هڪ پورهيت خاندان ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عشرت حسين ڊاڪٽر
حاجي عبدالله خان مومن
بشير احمد هيسباڻي
الف خان ترين خانبهادر
جسڪاڻي مشتاق
سعدالله شيخ
دارا شڪوه 1
سبرين هيسباڻي
رضوي سيد مير علي
طارق بن زياد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون